آڏواڻي، ٽلومل

آڏواڻي، ٽلومل

ٽلومل آڏواڻي

آڏواڻي '>ٽلومل آڏواڻي : ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جي اڳوڻي پرنسپال ٽِلو مل مينگهراج آڏواڻيءَ 26 مارچ 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد تدريسي ميدان ۾ آيو ۽ علمي قابليت جي آڌار تي جلد ئي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ بمبئيءَ جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو جئه هند ڪاليج ۽ بسنت سنگهه انسٽيٽيوٽ آف سائنس جو بنياد وڌائين. هن ڪاليج جو بنيادي مقصد سنڌ مان لڏي ايندڙ سنڌي شاگردن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ هو. ان ڏس ۾ ٽي. ايم آڏواڻي ۽ سندس ٻين ساٿين سنڌ ايجوڪيشنسٽ ائسوسيئيشن (Sindh Educationist’s Association) قائم ڪئي، جنهن تحت ڪاليج جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. ڪاليج جي تعميراتي لاڳت ان وقت تقريباً ڏهه لک روپيا بيٺي، جنهن لاءِ هن ذاتي ۽ سرڪاري سطح تي ڪوششون ورتيون. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ٻين ساٿين: پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر جي. جي ڪيولراماڻي ۽ پروفيسر ٽي. جي خوبچنداڻيءَ تمام گهڻو سهڪار ڪيو. جون 1952ع ڌاري، جئه هند ڪاليج ۾ تدريسي عمل جو آغاز ٿيو ته هي ڪاليج جو پرنسپال ۽ ڊاڪٽر ايس راڌا ڪرشن وائس پرنسپال مقرر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ جي ڏکين حالتن ۾ هيءُ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ بهترين تعليمي نظام جي صورت ۾ مثالي ڪاليج هو. ٽي. ايم آڏواڻيءَ جي علمي خدمتن عيوض کيس هندستان جي سياستدانن ۽ ساڃاهه وندن طرفان گهڻو ساراهيو ويو, کيس 1957ع ڌاري بمبئي يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر جي اهم عهدي تي فائز ڪيو ويو. بمبئي يونيورسٽي مان سندس مدي پوري ٿيڻ بعد يونيورسٽي آف ڄمون اينڊ ڪشمير جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ هي تعليمي وزارت جي ٻين مختلف عهدن تي پڻ فائز رهيو. سندس شاگرد کيس عالم، دوست ۽ رهنما سمجهندا هئا. سندس وفات 28 ڊسمبر 1967ع تي ڀارت ۾ ٿي.


لفظ ٽلومل آڏواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.03.26  عيسوي

ٽِلو مل مينگهراج آڏواڻيءَ 26 مارچ 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1967.12.28  عيسوي

ٽلومل آڏواڻي جي وفات 28 ڊسمبر 1967ع تي ڀارت ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امينه هاليپوٽو پروفيسر
حسن بانگو ڀاڻوٺي
خير محمد لغاري
استاد بخشو خان
سرائي علي گوهر خان
بودن فقير ڀنڀرو
پهلوان شير ميربحر
ابڙو نصرت حسين
اردشير ڪائوسجي
لطف الله حساماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون